Adsense

Biography

                  استاد بخاري 1930کان 1992ع تائين

استاد بخاري جو پورو نالو احمد شاه بخاري هو. سندس جنم دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ سيد حاجن شاه جي گهر ۾ ٿيو . شروعات ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، بعد ۾ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ پروفيسر ٿي دادو جي ڊگري ڪاليج مان رٽائرڊ ٿيو۔. 

استاد بخاري 1950ع کان باقاعده مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ سندس شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. استاد بخاري جي سڃاڻپ هڪ عوامي شاعر جي حيثيت ۾ پوري سنڌ ۾ ٿي، سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ ” ڪوڪڻ ۽ ڪلياڻ“، ”ڪاري ڪڪر هيٺ“، 1991ع ، ”ڌرتي سرتي“ 1991ع ” نه ڪم نبريونه غم نبريو“، 1992ع، ”زندگي زندگي“ 1992ع ، ”پير هٽن پوئتي” 1992ع، ” اوتون جوتون“ 1994ع ” ماندي ٿي نه مارئي“ 1994ع، ولولو ۽ روڪ“ 1994ع، ”وطن ۽ ويساهه“ 1997ع ، ” هر ئي هيڄ وطن جا“ 1998ع، ”ٿڙ ٿڙ تيڏيان ڳالهايان“ (2000)، ”گهڙيا سي چڙهيا“ (2001)، ” گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”لهر لهر دريا“، سوچون ڀڻڪا واڪا“، ”گيت گلابي ٻارن جا“، ” ميلا ملهالا“، ” لهر لهر ۾ لالاڻ“، ڳائي پيو جاڳي پيو“، ”گلدستي ۾ گيت“ ۽ ٻيا مجموعا آهن۔.

استاد بخاري سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو نالو آهي، هو شاعري جي افق تي عوامي ترجما نگار جي حيثيت سان اڀريو. سندس شاعري عشق، حسن ۽ قوميت جو سنگم آهي. راشد مورائي سندس شاعري لاءِ لکي ٿو ته ” استاد بخاريءِ سونهن، سچ ۽ پيار جو شاعر آهي ۽ انهن موضوعن کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙو ته خوبصورتي سان پيش ڪيو اٿس، جو سندس شاعري ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي آهي، ” استاد بخاري حسن ۽ عشق مان وڏو اتساهه ٿو وٺي، هو حسن ۽ عشق کانسواءِ زندگي جو تصور اڌورو ٿو سمجهي۔.

او عشق نه ڇڃ مون کان، او سونهن نه ڇڏ پاسو
نه ته مان ڊڄان ٿو پيو هن هانءُ جي دهڪن کان

استاد بخاري لفظن ۾ ساهه ڀرڻ سان گڏ لفظن ۾ جادو به ڀري ٿو. لفظ استاد اڳيان ڇيرو پائي نچندا نظر اچن ٿا. سندس شاعري جي سٽ سٽ ۾ حسن ۽ عشق جو پيغام آهي. هو چوي ٿو ته ؛

زندگي تي ناهين ڪوئي ڀروسو،
حسن کي پوجي وٺو پوجي وٺو
ڪائنات حسن ۾ هلندو وتان،
ڄڻ ته بحر حسن ۾ ترندو وتان،
حسن کي ڏسندو وتان ٺرندو وتان،
حسن ٿو ڏئي استاد ڏاڍو مزو

استاد حسن جي ڪائنات ۾ گذاريندي، وڇوڙو، رسڻ، پرچڻ، چوٽ، درد، سور، سوز، انتظاري، بيقراري جهڙين ڪيفيتن مان گذري ٿو. دل تي درد سهندي، برهه مان باهه ٻارڻ جو ڪيڏو نو سهڻو اظهار ڪيو اٿائين. 

جيءُ جنهن کي چيم، جهڻڪ تنهن کان مليم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم درگذر
ڪيس ڪيڏا ڪئي حسن جي انڌ تي
باهه ٻاري وڌءِ هانءَ جي هنڌ تي
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم
چوٽ ڏاڍي رسيم، پر ڪيم در گذر

ڪو به اديب، شاعر، سگهڙ يا سياستدان پنهنجي قوميت کان دستبردار نه ٿيندو آهي. ڪيڏا به ساڻس ها ڃا ٿين، ليڪن انساني سڃاڻپ قوميت سان ئي منسوب آهي. استاد بخاري جا گيت، غزل، وايون ۽ باقي سڀ صنفون سنڌ ڌرتيءَ جي قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آهن، ڇو جو خودئي وڏي واڪي چيو اٿائين ته؛

اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو
۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو
استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو
ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو

سنڌ، جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پکڙيل آهي، ان لاءِ ” استاد“ چوي ٿو ته؛

سنڌو جي اٿل سمجهه عقيدا منهنجا،
منڇر جا ڪنول سمجهه عقيدا منهنجا
مهراڻ ۽ منڇر جي لٿل ٿا ڏسجن
اولاد لٿل سمجهه عقيدا منهنجا

استاد کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان محبت آهي، هتان جي ماروئڙن، جهانگيئڙن جا حالات زار ڏسي هو بي چين ٿي پوي ٿو؛

مان ڪيئن سيج سمهان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، پڌر پٽ سمهن
تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن
مان ڪيئن لوڻ چکان، منهنجا ماروئڙا
منهنجا سانگيئڙا، روزا روز رکن

استاد بخاري خاموش ٿي ويهي رهڻ کي غلط ٿو سمجهي، سنڌ جي مسئلن لاءِ وڙهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، هو مرشد جي فيض ۽ ڌرتيءَ لاءِ حق وٺڻ لاءِ چوي ٿو

سون مرشد کان ڳنهي وٺبو آ

فيض مرشد کان وٺبو آ

جو به سمجهو اوهان جو حق آ

حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

استاد بخاري هن ڌرتي جو نظرياتي سوچ وارو دانشور ۽ انقلاب جي علامت آه، ڪنهن وڏي منزل تي رسڻ تائين اهو ئي چوڻ به حق ٿو سمجهي ته؛

جو قوم جياري جئندو رهندو،

جو عام اجاري اهو جئندو رهندو

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي

جو سنڌ سنواري اهو جئندو رهندو

استاد بخاري جتي حسن، عشق ۽ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو، اتي بين الاقوامي امن، انسانيت کي به نٿو وساري، ڇو جو سندس شاعري صرف سنڌ جي سرحدن تائين محدود نه آهي. نفرت کي لعنت ٿو سمجهي، ذاتين، مذهبي فرقي بازن کي انسانيت لاءِ هاڃو ٿو سمجهي؛

ٿو ٿو ٿو ٿو، نفرت نفرت هيڙو هيڙو لعنت لعنت

ظلم جي هي ڇيڙ، جوڳي، جهٽ ڪر، ڇيڙون ڇيڙا

ڪلفت فتنا ۽ ناسازيون ذاتيون مذهب فني بازيون 

سڀ تي پيار پکيڙ، جوڳي جهٽ ڪر ڇيڙون ڇيڙا 

جڏهن دنيا ۾ ايٽم بم جي ايجاد سان وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ لڳي، تڏهن استاد چوي ٿو ته ؛

ايٽم هٿ ۾، انسان بڻيو، انسان جو ويري

يا ڪندا هي دنيا تنهنجو ڍينگوئي ڍيري

مطلب ته استاد پنهنجي سچ، سونهن، حسن، عشق، قوميت ۽ بين الاقواميت جي موضوعن سان سنڌي شاعري کي عظمت ۽ انفراديت بخشي . سندس شاعري جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها وڏي پيماني تي ڳائي وڃي ٿي ۽ ٻڌي وڃي ٿي سندسن شاعري جي عظمت ان وقت اڃان به وڌي وڃي جڏهن ان ۾ امي ترجماني جا سڀئي پهلو ملن ٿا۔ 

No comments: